home about us contact
English Sindhi

فني مدد ۽ تربيت

سنڌ ترقياتي فنڊ کي فني سکيا جو ادارو نه سمجھڻ گھرجي. البته ڪنھن حد تائين ٿوري گھڻي فني مدد انھن ادارن لاءِ عمل ۾ آڻي سگھجي ٿي. خاص طرح جيڪي وڏي پيماني تي پيسا سيڙائي ڪم ڪري رھيا آھن. ھن اصول مطابق جملي رقم جو ڏھ سيڪڙو ھنري سکيا لاءِ خرچ ڪري سگھجي  ٿو.

 

سنڌ ترقياتي فنڊ جا اھم شرط

       سنڌ ترقياتي فنڊ جي منصوبي کي ھلائڻ لاءِ مختصر پر اھم سکيا ورتل ماڻھن جي ضرورت آھي. ھيءُ گروپ مختصر ماڻھن تي مشتمل ھوندو جنھن ۾ ڪراچيءَ يا اندرون سنڌ مان چونڊيل ماڻھو ھوندا. جيڪڏھن عالمي ماھرن جي ضرورت پئي ته به انھن کي ٿوري عرصي لاءِ رکيو ويندو. ھن خاص جماعت جو اھم ڪم آھي. ڪاروبار ۾ سيڙايل رقم جو جائزو وٺڻ. ماھرانه تجويز ڏيڻ ۽ اھو ڏسڻ ته جن منصوبن تي پئسا لڳايا ويا آھن سي صحيح طريقي سان ڪم ڪري رھيا آھن. ان کان علاوہ منصوبي جي نگراني ڪرڻ، حساب ڪتاب جو ڪاٿو لڳائڻ ته جيئن ضرورت وقت معلومات حاصل ڪري اڳي پھچائي سگھجي.
 

منصوبي کي قابل عمل بنائڻ وارو عمل

فصل پوکڻ جي نئين طريقيڪار جي جامع تشريح ڪرڻ ۽ ھارين / فصل ڪاھيندڙن کي صلاح مشوري ڏيڻ واري عمل کي تيز ڪرڻ سان ئي عملي جامون پھرائي سگھجي ٿو. ان سان گڏ اھو به يقين ڪرڻ ته ڪم اعليٰ طريقي سان ٿي رھيو آھي

 
 

رقم فراھم ڪرڻ وارن ادارن سان گڏجي ڪم ڪرڻ

ناڻي فراھم ڪرڻ وارن ڪيترن ئي ادارن سان مناسب تجارتي منصوبابندي ۽ قرض وٺڻ لاءِ ضروري بنائڻ جي مھارت نه ھئڻ جي برابر ھوندي آھي. سنڌ ترقياتي فنڊ گھربل فني مدد لاءِ ٻنھي ناڻي فراھم ڪرڻ وارن ادارن ۽ انھن جي طلبگارن کي به يڪ وقت مھيا ڪندو

 

امداد وٺڻ لاءِ ضروري ڄاڻ

سنڌ ترقياتي فنڊ صرف ھڪ عملي جامون پھرائڻوارو ادارو آھي. ھيءُ نه ته ماھرانه مشاورت نه ئي پاليسي ٺاھڻ وارو ڪو ادارو آھي. ھن جي دائريڪار ۾ تجارت ۽ واپار لاءِ سيڙپڪاري اچي وڃن ٿيون. اھو چوڻ ته اھڙو ڪو مثال ٿي سگھي ٿو جنھن ۾ ڪنھن خاص اداري کي سيڙپڪاريءَ لاءِ ڪا خاص تعليم کپندي آھي ته اھڙي صورت ۾ فني مشاورتي سھولت لاءِ ادارو انھن سان گڏ ڪم ڪندو. پر جيڪڏھن ضرورت پئي ته ماھرن جي نئين پارٽي به جماعت (مثلاً پي ايڇ ڊي اي بي يا ايس ايم اي ڊي اي يا نجي مشاورتي جماعت) اھو ڪم اڪلائيندي.

 

 
 
 

Copyrights © 2009  سڀ حق ۽ واسطا سنڌ ترقياتي فنڊ جي نالي محفوظ آهن