home about us contact
English Sindhi
سنڌ ۾ ھلندڙ اسٽرابيري منصوبي تي سرسري نگاھ

سنڌ ترقياتي منصوبي جي ھٿ ھيٺ ڪم ڪندڙ سي ايس ايف اسٽرابيري ميوي جا ٻه نوان قسم “مٺي چارلي” ۽ “فيسٽيول” ٻاھران گھرايا آھن. ھي ٻئي قسم پھريون ڀيرو آمريڪا مان گھرائي ضلع خيرپور سنڌ ۾ لڳايا ويا آھن. اھڙي قسم جي ميوي جا وڻ ھن کان پھرين پاڪستان ۾ ڪٿي به نه لڳايا ويا ھئا. انھن جو ٻيجارو ھڪ ايڪڙ زمين تي تجربي خاطر لڳايو ويو آھي. اميد آھي ته جنوريءَ کان مارچ تائين اھي وڻ ميوو ڏيندا، جيڪڏھن تجربو ڪامياب ويو ته ھي منصوبو وڏي دلچسپي پيدا ڪندو ۽ ان ۾ ايتري طاقت ھوندي جو ايندڙ وقت ۾ ميوو ٻاھرين ملڪن ڏانھن موڪلي سگھبو.

  سي ايس ايف واپار وڌائڻ لاءِ ابتدائي ڪم پھريان ئي مڪمل ڪري ڇڏيو آھي. جنھن کي سنڌ ترقياتي فنڊ جي اگھ مقرر ڪرڻ واري ۽ ڪاروبار ھلائڻ واري اداري به منظور ڪري ورتو آھي

گذريل ڏھن سالن کان وٺي ھن ميوي ملڪ ۾ تمام گھڻي مقبوليت حاصل ڪئي آھي. ھن ميوي جو وڻ جنوريءَ کان اپريل تائين گھرو استعمال لاءِ وڏي پيماني تي پوکيو وڃي ٿو. پاڪستان ۾ ان جا ڪجھ قسم مثلاً “ڪورونا ۽ اسٽف” پوکيا ويا آھن ليڪن ھنن جو ڦل ننڍو ۽ کٽو ٿئي ٿو. جيڪي ٻج سي ايس ايف سنڌ کاتي جي مدد سان ٻاھران گھرايا آھن تن جو ڦل وڏو به ۽ مٺو به آھي

ڪيترائي ملڪ جھڙوڪ نار واريون رياستون، وچ ايشيائي رياستون ۽ روس سرديءَ جي موسم ۾ ڄاول اسٽرابيري گھرائيندا آھن. جيڪڏھن ھي منصوبو ڪامياب ويو ته پاڪستان اھڙن مارڪيٽن ۾ تازو تيار ٿيل فروٽ بروقت موڪلي سگھندو

  ان رٿا جي ڪامياب تڪميل لاءِ اھو ضروري آھي ته اسان جو ملڪ اھو باور ڪرائي ته بين الاقوامي درجي جي اسٽرابيري پاڪستان ۾ اپائي سگھجي ٿي. جنھن کي نار واري ملڪ جي ملرڪيٽن مان اثرائتي موٽ ملي سگھي ٿي

  سي ايس ايف اھو به يقين ڪري رھي آھي ته ھي ٻيجارو بين الاقوامي طريقيڪار مطابق بڳايو پيو وڃي. جيئن ئي پھريون دفعو ھيءُ ميوو جنوريءَ جي آخر تائين تيار ٿي ويندو ته متحدہ عرب رياست جي مارڪيٽن ۾ موڪلي مارڪيٽ جو رخ ڏٺو ويندو.

 
 
 
 

Copyrights © 2009  سڀ حق ۽ واسطا سنڌ ترقياتي فنڊ جي نالي محفوظ آهن