home about us contact
English Sindhi
ننڍي پيماني تي استعمال ٿيڻ وارو ساز و سامان

      ايس ڊي ايف لاءِ لازمي آھي ته ننڍي پيماني تي ڪنھن منصوبي ۾ استعمال ٿيندڙ ساز و سامان لاءِ پئسن ڏيارڻ جي سھولت فراھم ڪري ۽ ھن مَدَ ۾ طئي ٿيل اصول مطابق ٿورا ٿورا ڪم ھلائڻ جن جو تعلق سڌو ڪنھن وڏي منصوبي سان ھئڻ کپندو آھي. مثلاً ھڪ سيڙپڪار چاھي ٿو ته ھن جو ڪارخانو گرڊ اسٽيشن سان ڳنڍيل ھجي ته ايس ڊي ايف ان لاءِ ھُن کي پئسا ڏي. اھڙيءَ طرح جيڪڏھن پڪي روڊ يا پاڻيءَ جي ضرورت اٿس ته به ھو پورو ڪري ڏيس. اھا سھولت پيداوار ملڻ دوران به ڪاروبار ھلائڻ لاءِ امداد ڏيڻ واري اداري سان گڏ رھندي ايندي ته جيئن ضروريساز و سامان ڏئي وٺي سگھي. اھڙيءَ ڪم لاءِ تمام خرچ جي ڏھ سيڪڙو کان وڌيڪ رقم خرچ ڪري نه ٿي سگھجي.


 
 
 

Copyrights © 2009  سڀ حق ۽ واسطا سنڌ ترقياتي فنڊ جي نالي محفوظ آهن