| کجين واري منصوبي جو سرسري جائزو |
 |
سي ايس ايف (چٽا ڀيٽيءَ لاءِ امدادي فنڊ) سنڌ سرڪار جي امداد ڏيڻ واري فنڊ جي سھڪار سان پاڪستاني کجورن جون ٽي نيون قسمون ترڪيءَ جي مارڪيٽن ۾ متعارف ڪرايون آھن. ان لاءِ ترڪيءَ جي مارڪيٽ جي طرز تي ٺاھي تيار ڪري پيش ڪرڻ جو جائزو ورتو آھي. جيئن پاڪستاني کجور جي قيمت ۽ قدر ۾ اضافو ڪرائي سگھجي
پاڪستان جي صوبي سنڌ مان کجور جون مختلف جنسون کڻي ترڪيءَ جي اوزارن وسيلي ان مان رس ڪڍي وئي آھي
رس ڪڍڻ واري تحقيقي عمل کي ان لاءِ جاري رکيو ويندو ته جيئن ان کي مارڪيٽ جي گھرج مطابق اھڙيءَ طرح ٺاھي سگھجي جيئن سنڌ جي کجورن جو سرڪو ٺھندو آھي
پاڪستان دنيا جي کجور پيدا ڪرڻ وارن پنجن وڏن ملڪن مان ھڪ آھي
موجودہ حالت ۾ ھر سال ٻه سو پنجاھ ھزار مئٽرڪ ٽن سنڌ جي ضلع خيرپور ۾ اُپايا وڃن ٿا. جن ۾ پنجاسي سيڪڙو اصيل ۽ ڪربلائي آھن.
پاڪستان زيادہ تر تازہ کجور ڪجھ مقدار ۾ بنگلاديش، ڪيناڊا، ڊينمارڪ، جرمني، انڊيا، انڊونيشيا، ملائيشيا، ڏکڻ آفريڪا، آمريڪا ۽ انگلينڊ موڪليندو آھي. جڏھن ته ڇوھارا افغانستان، بنگلاديش، ڪيناڊا، ڊينمارڪ، جرمني، انڊيا ۽ جاپان موڪليندو آھي
خيرپور ۽ سکر ۾ کجور جو فصل پوکيندڙن ۽ بيروني واپار ڪندڙن جي وفد کي ھن سال ترڪيءَ ڏانھن موڪلڻ جو سي ايس ايف بندوبست ڪيو جن اتي کجور تون ٽي جنسون متعارف ڪرايون
معائني دوران پاڪستاني وفد کجور جا ڪارخانا ۽ باغ ڏٺا. ازمير ۽ اناطوليه جي واپارين سان ملاقاتون ڪيون. انھن کي کجور صاف ڪرڻ ۽ ڄمائڻ واري عمل جا ڪارخانا به ڏيکاريا ويا. ان کان علاوہ مختلف قسم جي مشينري ۽ ٻيو ساز و سامان به انھن کي ڏيکاريو ويو.
پاڪستاني کجور کي ڄمائڻ واري ترڪيب ڪجھ ڏينھن ۾ مھيا ڪئي ويندي ۽ ان ترڪيب جي بنياد تي خيرپور ۾ عمل ڪرائڻ لاءِ سي ايس ايف / ايس ڊي ايف عملي جامون پھرائڻ ۽ قيمت مقرر ڪرڻ جي ابتدائي رپورٽ تيار ڪندي |